SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


NSA Non-State Actors

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nsa
  • nɔnəkseptəns
  • steit
  • fedərəlsteit
  • æktəz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

NSA Non-State Actors

نان اسٽيٽ ائڪٽرس

غير رياستي ڌريون- عنصر

بين الاقوامي تعلقات ۾ ويسٽفيليائي رياستي نظام يا جديد قومي رياست واري سرشتي ۾ زندگيءَ جي مختلف رُخن جو وهنوار هلائڻ لاءِ رياستي اختياريون هڪ ٻئي سان لاڳاپا رکنديون آهن. پر جيئن جيئن رابطن ۽ ترقيءَ جي ٻين سرشتن ۾ نواڻ ايندي وئي تيئن قومن جي باهمي لاڳاپن تي حڪومتي ترجمانيءَ کان ٻاهر ويٺل ڌرين جا به گھرا اثر پوڻ شروع ٿيا. بين الاقوامي تنظيمون ۽ غير سرڪاري تنظيون، گھڻ قومي ڪمپنيون، دانائن جا حلقا (Think Tanks) سول سوسائٽي جون تنظيمون، علائقائي تنظيمون، تشدد پسند مذهبي يا غير مذهبي تنظيمون ۽ ٻيا بيشمار ادارا” غير رياستي ڌرين“ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. اهي ادارا سرحدي حد بندين کان هٽي ڪري دنيا جي مختلف نسلي گروهن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ پنهنجي مهارتن ۽ نظرين مطابق اڳڀرائي ڪرڻ ۽ روايتي قومي مفادن کان مٿانهين سطح تي سرگرميون ڪرڻ سبب رياستي اختيارن جي ضابطي کان ٻاهر ۽ آزاديءَ سان ڪم ڪن ۽ پنهنجي وسيع صلاحيتن سبب رياستي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز پڻ ٿين ٿا. اهو اثر ڪن معاملن ۾ انتهائي هاڪاري ۽ فائديمند ۽ ڪن معاملن ۾ تمام گھڻو ناڪاري ۽ نقصانڪار ٿئي ٿو. مثال طور ماحولياتي ڀلي لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون ان حوالي سان انسان ۽ ماحول دوست ڪردار ادا ڪن ٿيون، جڏهن ته مذهبي شدت پسند ۽ تشدد پسند حلقا عالمي ۽ علائقا امن کي تباهه ڪرڻ سان قومن وچ ۾ ڏڦيڙ جو سبب بڻجن ٿا. .غير رياستي ڌرين“ جو اصطلاح ”سرد جنگ“ کان گھڻو پوءِ استعمال ۾ آيو آهي ۽ ”ڀونءَ واد“ واري تصور ۾ تيزي اچڻ سان گڏ هن تصور جو دائرو به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. خاص طور تي ترقياتي ڪارپوريشنن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن ۾ هن اصطلاح کي گھڻو ورجايو وڃي ٿو. 2000 ع ۾ يورپي يونين ۽ A C P ملڪن وچ ۾ ٿيل” ڪانٽا نائو معاهدي“ (Contonou Agreement) ۾ هيءُ لفظ بار بار استعمال ٿيو. هڪ اندازي موجب هن مهل تائين دنيا ۾ ”غير رياستي ڌرين“ جا 190 قسم تسليم ڪيا ويا آهن، جن ۾ زرعي آبادگارن، دوائون ٺاهيندڙ ادارن سميت ٻيا ننڍا ننڍا گروهه شامل ٿيل نه آهن. هن سلسلي ۾ ”ڌرين“ جا نظريا، مقصد، حڪمت عمليون، تنظيم ڪاريءَ جي سطح ۾ عوامي حمايت، قانوني جواز ۽ بين القوامي مڃتا جي سطح مختلف هجڻ ڪري سندن تاثر ۽ اثر به مختلف آهن. بين الاقوامي سرشتي ۾ ”غير رياستي ڌرين“ جي اهميت 1970ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، جڏهن دنيا ۾ ترقيءَ ۽ معاشي رٿا بنديءَ لاءِ اڳڀرائي ٿي. ان دوران بين الاقوامي مالياتي ادارن محسوس ڪيو ته دنيا جون مختلف حڪومتون داخلي سياسي سببن ڪري کين ڪيل سهائتا مان پورولاڀ نه ٿيون ڏئي سگھن، تنهنڪري کين مليل مالي سهڪار بابت غير جانبدار صلاحون ۽ نظرياتي وابستگي لازمي قرار ڏني وئي. ان احساس کي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيل ”قرضن جي بحران“ (Debt Crisis) دوران وڌيڪ هٿي ملي، ڇاڪاڻ ته عالمي ادارن محسوس ڪيو ته اُسرندڙ مُلڪ قرض کڻي کائي ٿا وڃن، پر سندن حڪومتن کان پڇاڻي جو ڪو بين الاقوامي سرشتو موجود ناهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ غريب ملڪن جي معيشيت، حڪومتي انداز (Governance) ۽ ترقي جي رفتار تي نظر رکڻ جي ضرورت ۽ امير ملڪن جي حڪومتن کي عوامي اُمنگن جي ماتحت ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن گڏجي اهڙن ماهر غير جانبدار حلقن کي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي، جيڪي بنا خوف ۽ لالچ دنيا جي بهتر مستقبل واسطي حقيقتون بيان ڪري سگھن. وقت گذرڻ سان گڏ اهي حلقا قومن کان مٿانهان (Transnational ) ادارا بڻجي ويا، جن کي اڄوڪي دور ۾ غير رياستي ڌريون سڏيو وڃي ٿو


Remember Me Also:

ڏاڦ

ذ. هٿيار جو هڪ قسم ، ڏڦو ، ڀالو ، نيزو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal